بروهي داد محمد خام

بروهي داد محمد خام

داد محمد خادم بروهي ڊاڪٽر

داد محمد خادم بروهي، ڊاڪٽر:ناليوارو محقق، اديب، شاعر، صحافي ۽ ٻولين جو ماهر ڊاڪٽر داد محمد ”خادم“ بروهي ولد نيڪ محمد بروهي، 4 مارچ 1940ع تي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم جيڪب آباد ۽ ڪشمور مان حاصل ڪيائين. ايم. اي بعد 1991ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. سندس پي. ايڇ. ڊي جي تحقيقي مقالي جو عنوان ”سبي خطي ۾ سنڌي زبان جي محاورن جو لساني جائزو“ هو. کيس پنجن ٻولين سنڌي، براهوي، سرائيڪي، اردو ۽ پنجابيءَ تي دسترس حاصل آهي. پاڻ انهن پنجن ئي ٻولين ۾ لکي رهيو آهي. صحافت سان سندس پراڻو تعلق آهي. سنڌي اخبار ”کيرٿر“ ۽ براهوي اخبار ”ايلم“ سان، جيڪا مستونگ مان نڪرندي آهي، منسلڪ آهي. جيڪب آباد جي مشهور هارس اينڊ ڪيٽل شو جي موقعي تي شايع ٿيندڙ مخزن ۾ ادبي ۽ علمي معاونت ڪندو رهيو آهي. ڪيترن ئي سالن کان مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سنڌي، براهوي ۽ بلوچي ٻولين جي محاورن ۽ لهجن جي باري ۾ مضمون لکندو پيو اچي. سندس مقالا جامع ۽ دلچسپيءَ سان ڀرپور هوندا آهن. ڊاڪٽر داد محمد ’خادم‘ بروهيءَ جا ٻه ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ڇپايا آهن. (1) سنڌي براهوي ٻوليءَ جو تقابلي جائزو (1994ع)، (2) براهوي لغت'>سنڌي براهوي لغت (2004ع)، ان کانسواءِ سندس هڪ ڪتاب ”بلوچستان ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جائزو“ اداري وٽان ڇپائيءَ هيٺ آهي. ان کان اڳ سندس ڪتاب ”مٺڙا مارو“ پڻ ڇپيل آهي. نوٽ : ڊاڪٽر داد محمد ”خادم“ بروهي 10 مئي 2014ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.03.04  عيسوي

ڊاڪٽر داد محمد ” خادم “ بروهي 4 مارچ 1940ع تي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو


2014.05.10  عيسوي

ڊاڪٽر داد محمد ”خادم“ بروهي 10 مئي 2014ع تي وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رانٽو عبدالقادر
لڇمڻ ڀنڀاڻي
شيخ جاويد علي سنڌي
عشرت علي خان
اي جي اتم
رضوي وقار احمد ڊاڪٽر
پلي معمور يوسفاڻي
گل محمد شاهه بخاري
شان الحق حقي
ضياء شڪيل احمد
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون